SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ترجيحن جو عمومي سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ترجيحن جو عمومي سرشتو

GSP Generalized System of Preferences

جينرلائيزڊ سسٽم آف پرفرنسز

عالمي واپار ۾ اختيار ڪيل سرشتو جيڪو ڪن خاص صورتن ۽ ترجيحن سبب ڪنهن خطي يا ملڪن کي رعايتون ڏيئي ساڻن واپاري ناتا مضبوط ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو . هن سرشتي کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه تفصيل هن ريت آهن :
(1) هي هڪ اهڙو بندوبست آهي، جيڪو ’گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ جي ڪنوينشن‘ (UNCTAD) جي سهڪار سان متعارف ڪرايو ويو هو. معاهدي موجب هڪ محصوليائي سرشتو اُتر (North) جي رياستن کي ڏنو ويندو آهي، ته جيئن اهي ترقي يافته ملڪن مان تيار ٿيل ۽ اڌ تيار ڪيل شيون درآمد ڪري سگهن. هي نظام ترقي يافته ملڪن ۾ برآمدي ڪمائيءَ ۽ معاشي واڌاري ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو هو.
(2) هي نظام هڪ اهڙو ڍانچو آهي، جنهن وسيلي ترقي يافته ملڪن کي هڪ محصولياتي سرشتو ڏنو وڃي ٿو، ته جيئن اهي گهٽ ترقي يافته ملڪن مان درآمد ڪيل سامان جي وڪري لاءِ کين محصولن ۾ رعايتون ۽ ترجيحون ڏيئي سگهن. هي نظام صنعتي ڪاروباري قومن جي مدد سان اسرندڙ ملڪن کي بين الاقوامي واپار واري نظآم ۾ آڻڻ جي هڪ سهڪاري ڪوشش آهي، آمريڪا ۾ هي نظام اهڙن گهٽ اسريل ملڪن کي فائدو ڏئي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ آمريڪا هر سال اسريل ملڪن جي پيداوار ۽ سندن وکرن جي معيار ۽ ساڻن واپار لاءِ ڪنهن به ملڪ جي اهليت جي حوالي سان مسلسل جائزو وٺندو رهندو آهي، GSP جي جوڙيل قانون هيٺ آمريڪا انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندو آهي ته آمريڪي قانون موجب فائدو حاصل ڪندڙ ملڪ جي سامان جي رسائي مارڪيٽ تائين پهچي ۽ ان ملڪ جا قانون بين الاقوامي سطح تي واپار جي جوڙيل قاعدن (مثال طور: وکر جي تخيلقي حق جي تحفظ (IPRP)، سيڙپ، درآمدي سرگرمين ۽ پورهيتن جي حقن جي حفاظت) سان برميچي سگهندا هُجن ۽ ڪنهن به غير قانوني يا ڏوهاري واپاري سرگرمين کان ٽارو ڪندا رهن


Remember Me Also:

آراڌ

ذ. جوڳُ. اڪيلو ويهي عبادت ڪرڻ جي حالت. خلوت ، ايڪانت. فِراقُ ، علحدگي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal